ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پوليس ريجن ميرپورخاص ۾ 4 ليڊي سب انسپيڪٽرن کي انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي، ڊي آءِ جي ليڊي عملدارن کي ترقي جا بيج لڳايا. پوليس رينج ميرپورخاص ۾ ليڊي سب انسپيڪٽرن جي بطور انسپيڪٽر ترقي ٿيڻ تي ڊي آءِ جي آفيس ميرپورخاص ۾ تقريب منعقد ڪئي ويئي، تقريب ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار علي لاڙڪ سب انسپيڪٽر کان انسپيڪٽر ترقي ماڻيندڙ ليڊي سب انسپيڪٽر فوزيا ناصر، مومل لغاري، خوشبخت شبانا ناز ۽ مهناز کي انسپيڪٽر جا بيج لڳايا، تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار علي لاڙڪ چيو ته اداري پاران ملندڙ ذميوارين کي هاءِ پروفيشنل اسٽينڊرڊ تي ڪو به سمجھوتو نه ڪرڻ گھرجي، پوليس جو ڪم عوام جي جان مال جي تحفظ سان گڏ معاشري ۾ قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ پڻ آهي، پوليس کي عوام سان ويجھو رابطو ۽ پوليس تي اعتماد برقرار رکڻ لاءِ پنهنجيون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪرڻ ضروري آهن. هن ترقي ماڻيندڙ ليڊي انسپيڪٽرن کي هدايت ڪندي چيو ته سينيئر عملدارن کي پنهنجن ماتحت پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن سان سٺو ورتاءُ ڪيو وڃي، انهيءُ سان ٽيم ورڪ پيدا ٿيندو، جنهن سان عوام جي جان مال جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني قائم رکڻ ۾ مدد ملندي.
