220

ڄامشورو ڀرسان سنڌ درياهه ۾ ڪريل ٽرالر جي ڊرائيور جو لاش 24 ڪلاڪن کانپوءِ هٿ

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان سنڌ درياهه ۾ ڪريل ٽرالر ڊرائيور جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن حيدرآباد باءِ پاس تي ٽرالر تيز رفتاري سبب سنڌو درياهه ۾ ڪري پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ٻڏي ويو هو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.ضلعي انتظاميا پاران ٽوٻا گهرائي ڊرائيور جي ڳولا ڪئي وئي، 24 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ ٽوٻن ٽرالر ڊرائيور جو لاش هٿ ڪري ورتو آهي، جنهن جي سڃاڻپ صادق آباد واسي تنوير احمد طور ٿي آهي. ڄاڻايل ٽرالر فيڊ کڻي ڪراچي کان پنجاب طرف روانو ٿي رهيو هو ته ساڻس حادثو پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو