ميھڙ(ن سوڀ) ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ پاران بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آهي. احتجاج جي اڳواڻي امتياز جتوئي، ايڊووڪيٽ مشتاق چانڊيو، ڪامريڊ حيدر ملاح، ايڊووڪيٽ نجيب مھيسر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو ۽ ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو ڪئي. اڳواڻن نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ھڪ طرف حڪومت تعليم جي سڌاري جي دعويٰ ڪري رھي آھي ته ٻئي طرف سرعام قبضاگير مافيا بااثر وڏيرا اسڪولن جي عمارتن تي قبضو ڪري غنڊا گردي ڪري رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺ پوراچو جي اسڪولن تان قبضو ختم ڪرائي تعليمي عمل کي بحال ڪرايو وڃي ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جي گھرن مٿان فائرنگ ڪندڙ ۽ انھن مٿان تشدد ڪندڙ غنڊن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.
283