274

دبئي ۾ پولينڊ جي نوجوان رانديگرياڻي پاران 14 هزار فوٽ اوچائي تان ٽپو ڏئي هوا ۾ ناچ جو مظاهرو

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ پولينڊ جي 20 ورهين جي رانديگرياڻي 14 هزار فوٽ جي اوچائي تان ٽپو ڏئي هوا ۾ ناچ جو مظاهرو ڪري ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق دبئي جي مشهور علائقي نخلا جميرا تي ۾ پولينڊ سان تعلق رکندڙ هڪ 20 ورهين جي نوجوان رانديگرياڻي 14 هزار فوٽ اوچائي تان پيراشوٽ ذريعي ٽپو ڏئي ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو، ان دوران رانديگرياڻي هوا ۾ ناچ جا ڪرتب پڻ ڏيکاريا، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، پولينڊ جي رانديگرياڻي ماجا ڪوچنسڪا اسڪائي ڊائيونگ جي راند جي رانديگرياڻي آهي جنهن کي اسڪائي ڊائيو جهاز تان ٽپو ڏيڻ کان پوءِ هوا ۾ ناچ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، رانديگرياڻي ماجا ڪوچنسڪا جو چوڻ آهي ته هن هوا ۾ ناچ ڪرڻ جي صلاحيت، پيٽ ڀر ۽ پٺي ڀر يا وري سڌو بيهڻ  ۽ ويهڻ جي تربيت حاصل ڪئي آهي جنهن جي پريڪٽس به ڪندي رهندي آهيان، هن چيو ته جيترو مٿي هوندي آهيان اوترو ئي هيٺ لهڻ جي رفتار گهٽ هوندي آهي،  جڏهن ته زمين کي ويجهو ٿيندي آهيان ته ڪرڻ جي رفتار به وڌي ويندي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو