215

پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن 11جنوري تي هر صورت ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن 11جنوري تي هر صورت ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي 30 کان وڌيڪ اڳواڻن جو هنگامي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عهديدارن جو چوڻ هو ته حڪومت هاڻي اعلان ڪري يا نه ڪري، 11 جنوري تي هر صورت ۾ اسڪول کولينداسين، اسڪول کولڻ جي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي اهو بعد ۾ طئي ڪنداسين. هنن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ادارا سيل ڪيا ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين، جڏهن سڀ ڪجهه کليل آهي ته تعليمي ادارا بند ڇو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو