281

ماٿيلو ويجهو سنت شڌا رام جو جنم مها اتسو ميلو اڄ کان شروع، پرڏيهي زائرين به پهچندا

ميرپورماٿيلو (ن سوڀ) ميرپورماٿيلو ويجهو حيات پتافي ۾ قائم هند سنڌ جي هندن جي روحاني پيشوا سنت شڌا رام جي 312 سالا جنم مها اتسو ٽي روزه ميلي جون تقريبات اڄ رات جو شڌاڻي درٻار حيات پتافي ۾ شروع ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي شهر رائيپور کان پڻ 51 هندو ياترين جنهن ۾ عورتن ۽ مردن سان گڏ شڌاڻي درٻار جي نائين جوت گاڌي سر سنت يڌشتر لال جي اڳواڻي ۾ 6 ڏينهن جي ويزا تي ياترا لاءِ واگها باڊر ذريعي لاهور پهچڻ بعد باءِ روڊ ياترين جو جٿو ميرپورماٿيلو کان شڌاڻي درٻار رات جي ٽائيم پهچندو جتي ڀارتي جٿي جي استقبال لاءِ تياريون ۽ درٻار کي سينگارڻ جو ڪم پڻ آخري مرحلي ۾ آهي. ميلي جو افتتاح ڀارت کان ايندڙ سنت يڌشٽر لال گروگرنت ۽ شري رامائڻ صاحب جي ارنڀ پارٽ صاحب سان ڪندو ميلو ٽي ڏينهن جاري رهندو ۽ ڀارتي جٿو شڌاڻي درٻار سميت ضلعي گهوٽڪي جي مختلف هندن جي آستانن ۽ سکر جي ساد ٻيلي جي ياترا ڪرڻ بعد 6 ڏينهن کانپوءِ واپس روانو ٿيندو. ان سلسلي ۾ سيڪورٽي جا انتظام ضلعي انتظاميه پاران سخت ڪندي حيات پتافي شهر کي پوليس جي پڪٽن سان ڪڙو چاڙهي رستن تي اضافي پوليس جون پڪٽون لڳايون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو