واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) روس کان دفاعي نظام ڇو خريد ڪرڻ تي آمريڪا ترڪي مٿان اقتصادي ۽ سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، پرڏيهي ميڊيائي رپورٽن مطابق آمريڪا روس کان فضائي ۽ دفاعي سسٽم ايس 400 خريدڻ تان ڪاوڙجي ترڪي جي دفاعي ۽ پيداوار تي اقتصادي ۽ سفي پابنڊيون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، آمريڪا طرفان نيٽو ۾ شامل پنهنجي اتحادي ملڪ ترڪي جي خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 2017ع جي هڪ اهڙي قانون جو استعمال ڪيو آهي جيڪو هن کان پهريان آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اتحادي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪيو ويو آهي
251