لاهور (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي مشهور ڊرامه سيريل ”ارطغرل غازي“ جي اهم ڪردار اينگن التان کي پاڪستان گهرائڻ وارو ميزبان ڏوهاري نڪتو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق ڪردار اينگن التان کي پاڪستان گهرائڻ وارو ميزبان ڪاشف ضمير هو، جنهن مٿان 8 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن جن ۾ فراڊ، امانت ۾ خيانت، ڪار چوري، ڦر ۽ ٻيا سنگين ڏوهه شامل آهن.
