لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ ڪي به ڏار ناهن، اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون ايٽم بم آهن، جنهن جي استعمال لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين. بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ جي صدر شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ ڪوٽ لکپت جيل ٻاهريان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهي آهي پر وزيراعظم رڳو فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ئي خوش آهي، پي ڊي ايم جي جدوجهد حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ آهي، اسان سڀني جو مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف آهي، شهباز شريف پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو هو ته سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين، حڪومت جي ضد ۽ انا سبب شهباز شريف کي جيل ۾ وڌو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت هميشه اهو ئي چاهيو آهي ته مخالفن کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي، عمران خان جمهوري مخالفن تي الزام ته لڳائي ٿو پر ڪنهن به عدالت کان سزا نه ملي سگهي، آصف زرداري 11 سال جيل ڪاٽيا پر پوءِ به باعزت بري ٿيو، هي حڪومت ايتري ڪريل آهي جو لاش تي به سياست ڪيائين، عمران خان ڪرپشن ڪندڙ هر مافيا کي تحفظ ايمنسٽي ڏنو، حڪمرانن لاءِ 31 جنوري ڊيڊ لائين آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل پي ڊي ايم ۾ ڪي به ڏار ناهن، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻو آهي، عمران خان وزيراعظم جي ناجائز ڪرسي ڇڏي ڏئي، جڏهن ته هن وزارت عظميٰ جي ڪرسي سنڀالي آهي هر شيءَ کي نقصان پهتو آهي، حڪمرانن ۾ اهليت ناهي جو نظام هلائي سگهن، عوام مهانگائيءَ جي سونامي ۾ ٻڏي رهي آهي، اسان جون استعيفائون ايٽم بم آهن، جنهن جي استعمال جي حڪمت عملي جوڙينداسين.هن چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ جو ليڊر ۽ پي ٽي آءِ جو ئي وزيراعظم آهي، پي ڊي ايم هڪ پيج تي آهي، ناجائز حڪمرانن ۾ سچ ڳالهائڻ جو به حوصلو ناهي. هن چيو ته اڄ اسان جي ترقي افغانستان کان به پٺتي آهي، ڇا اسان جي قسمت ۾ اهو ئي لکيل آهي ته غريب ئي رهڻو آهي، ملڪ ۾ قيادت جي کوٽ آهي، نااهل وزيراعظم هر معاملي تي ملڪ کي نقصان پهچايو، وزيراعظم پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائي رهيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽ لکپت جيل پهچي نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شهباز شريف سان سندس امڙ بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي. ملاقات دوران حمزه شهباز به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي جدوجهد بابت غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ ڪيل خيالن جي ڏي وٺ دوران استعيفائون ڏيڻ واري معاملي، لانگ مارچ ۽ پي ڊي ايم جي ايندڙ حڪمت عملي تي به غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن مطابق پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف کي پنهنجي والد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پيغام به پهچايو.
237