263

نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي ناري تحريڪ پاران الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ بک هڙتال

نوابشاهه( بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ، الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جتي انيلا رفيق ملاح، معيز جمالي، رضوان کوسو، شھيد ڀٽو جي ارشاد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته اسان جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آھي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.  ھنن چيو ته پوليس شھيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل ھن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگھي آھي، جيڪو انتھائي افسوس جوڳو عمل آھي. ھنن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ملڪيت آھن جن کي ڪنھن به صورت ۾ وفاق حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. ھنن چيو ته اسان جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آھي.  ھنن چيو ته اسان جي اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو