291

وفاقي ڪابينا جو اجلاس، پيٽرول بابت جاچ ڪميٽي پاران سفارشون پيش، وزيراعظم بحران ۾ ملوث ڪمپنين جا لائسنس رد ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ پيٽروليم بحران متعلق جوڙيل جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، وفاقي ڪابينا جاچ ڪميٽي جي سفارشن تي ڊگهي بحث کان پوءِ وزيراعظم عمران جاچ رپورٽ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ان رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ  3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ شفقت محمود، شريرين مزاري ۽ اسد عمل شامل آهن، جاج رپورٽ تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جي تيار ڪيل سفارشون تيار ڪندي. ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ عمران خان ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته پيٽروليم جي بحران ۾ ملوث ادارن ۽ ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترن وفاقي وزيرن جي طرفان جاچ رپورٽ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو، ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ علي زيدي سوڌو ڪيترن وزيرن سوال اٿاريا، جنهن تي نديم بابر وضاحتون پيش ڪندو رهيو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ پيٽرول جي مهانگي اگهه تي وڪري ۽ پيٽرول جي بحران کان پوءِ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي، ڪميٽي رپورٽ ۾ اوگرا کي پارليامينٽ ذريعي ختم ڪرڻ ۽ سيڪريٽري پيٽروليم ڊويزن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو