163

گاسليٽ 5 رپيا، لائيٽ ڊيزل 5 رپيا، ڊيزل 3 رپيا ۽ پيٽرول 3 رپيا في ليٽر مهانگو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت تيل قيمتون وڌائي ڇڏيون، گاسليٽ 5 رپيا، لائيٽ ڊيزل 5 رپيا، ڊيزل 3 رپيا ۽ پيٽرول 3 رپيا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، عوام  پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ظلم قرار ڏيندي وفاقي حڪومت جو فيصلو اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مٽاسٽا ڪئي وئي، ناڻي واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اڄ کان پيٽروليم شين جون نيون قيمتون لاڳو ڪيون ويون آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا جي واڌ سان نئين قيمت 103 رپيا 69 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا واڌ سان نئين قيمت 108 رپيا 44 پئسا مقرر ٿي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 رپيا اضافي بعد نئين قيمت 70 رپيا 29 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا واڌ سان نئين قيمت 67 رپيا 86 پئسا ٿي وئي آهي، هوڏانهن مهانگائي جي چڪي ۾ پيسيل عوام کي ڳڻتي ورائي وئي آهي، حڪومت کان  پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو