252

آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي ورسي ملهائي پئي وڃي، 6 سال گذرڻ باوجود قوم ڏک ۾ ورتل

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي ورسي پوري ملڪ ۾ ملهائي پئي وڃي، واقعي کي 6 سال گذرڻ باوجود قوم سوڳ ۾ ورتل آهي، شهيد جي ياد ۾ ملڪ جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن توڙي سرڪاري آفيسن ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ سان گڏ ريليون ڪڍيون پيون وڃن ۽ قرآن خوانين جو اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي، جن ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد شاگردن ۽ انهن جي استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ملڪ، قوم۽ علم جي دشمنن 16 ڊسمبر 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ داخل ٿي ڪلاسن ۾ موجود شاگردن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني هئي جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن توڙي ملازمن سوڌو 130 ماڻهن کي شهيد ٿي ويا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو