239

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، وڌيڪ 83 ڄڻا فوت، 2900 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 83 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2900نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 38 هزار 28 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 2900ڄڻن ۾ ڪورونا ظاهر ٿي، جڏهن ته وبا وگهي 83ڄڻا فوت ٿيا آهن.هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 7.2 سيڪڙو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح ڪراچي ۾ 18.76 سيڪڙو ان کانپوءِ حيدرآباد ۾ 16.56 سيڪڙو رهي، ان کانپوءِ ان کانپوءِ پشاور ۾ 15.99 سيڪڙو رهيو، سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 510 ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڳڻتي جوڳي مريضن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي، مختلف وفاقي اڪاين ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي تناسب جي لحاظ کان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5.0 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 4.9 سيڪڙو، گلگت بلتستان ۾ 1.6 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 2.9 سيڪڙو، خيبرپختونخوا ۾ 11.3 سيڪڙو، پنجاب ۾ 3.2 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 14.8 سيڪڙو رهيو، انهي طرح سان صوبن جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا ڪيسز جي مثبت تناسب جي لحاظ سان پنجاب ۾ لاهور 6.4 سيڪڙو، راولپنڊي 6.15 سيڪڙو، فيصل آباد 2.67 سيڪڙو، ملتان 2.71 سيڪڙو، سنڌ جي شهرن جن ۾ ڪراچي 18.76 سيڪڙو، حيدرآباد 16.56 سيڪڙو رهيو، انهي طرح سان خيبرپختونخوا جي شهرن پشاور 15.99 سيڪڙو، سوات 3.46 سيڪڙو، ايبٽ آباد 3.80 سيڪڙو، بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ 5.08 سيڪڙو تناسب رهيو، وفاقي گادي واري شهر ۾ 2.94 سيڪڙو، آزاد ڪشمير جي شهرن ۾ ميرپور 5.31 سيڪڙو، مظفر آباد 1.80 سيڪڙو، گلگت بلتستان جي شهرن ۾ گلگت ۾ 1.45 سيڪڙو رهيو، انهي طرح سان پوري دنيا ۾ ٿيندڙ فوتگين وانگر ملڪ ۾ ٿيندڙ فوتگين جو تعداد 9 هزار 10 آهي جيڪو پوري دنيا ۾ ٿيندڙ فوتگين جي 2.22 سيڪڙو تناسب جي مقابلي ۾ 2.02 سيڪڙو آهي، ملڪ ۾ ٿيندڙ فوتگين مان 70 سيڪڙو مرد فوت ٿيا جنهن جون عمرون 61 سالن کان وڌيڪ هيون، فوت ٿيندڙن ۾ 77.5 سيڪڙو اهي ماڻهو هئا جنهن جون عمرو 50 سالن کان وڌيڪ هيون، فوت ٿيندڙ ۾ 73 سيڪڙو ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئا ۽ فوت ٿيندڙ ماڻهن مان 91 سيڪڙو اسپتالن ۾ علاج هيٺ هئا جڏهن ته 58 سيڪڙو مريض وينٽيليٽرز تي علاج دوران فوت ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو