238

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان سعودي سفير جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان سعودي سفير  نواف سعيد المالڪي ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ خطي جي صورتحال سوڌو مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ۽ سعودي سفير وچ ۾ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت خطي جي صورتحال، پاڪستان  ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي پاران علائقائي معاملن سميت ٻين معاملن تي پاڪستان جي مڪمل حمايت جو عزم ڪيو ويو. ان کانسواءِ آرمي چيف سان پاڪستان ۾ مقرر سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو