اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انسانيت سوز سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي ڇهين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اي پي ايس جي معصوم گلن جي عظيم قرباني پوري قوم کي متحد ڪيو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول واري سانحي جو ڏک اڄ به تازو آهي، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جهڙي ناسور کي شڪست ڏني، اڄ قوم انهن معصوم ٻارڙن سوڌو سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. شاهه محمد قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج سان شانه بشانه گڏ آهي، معصوم ٻارڙن جي قرباني رنگ لائيندي ۽ دهشتگردي کي پاڙان پٽي سک جو ساهه کڻنداسين.
