ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ جي ڏاهي، دانشور ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 103 سالگرهه جي موقعي تي مختلف وفدن پاران سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري مختصر تقريب ڪوٺائي وئي. سنڌ جي ڏاهي، دانشور ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 103 سالگرهه جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي اڳواڻيءَ ۾ وفد مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، ان موقعي تي رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو، سميرا عمراڻي، ڊاڪٽر شهاب الدين مغل، ڊاڪٽر محمود مغل، احسان شاهه راشدي، غلام مرتضيٰ سيال، تاج جويو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. حاضري کانپوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 103 سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. ٻئي پاسي سنڌي ادبي بورڊ پاران سيڪريٽري سيد سڪندر شاهه جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري، جڏهن ته سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڏات ڌڻين مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڀرپور نموني سان خدمت ڪئي، سنڌي عوام تي سندس وڏو احسان آهي، ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادب ۾ اعليٰ روايتن جو بنياد وڌو ۽ سماج کي صحتمند تعليم يافتا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو.
