278

آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جو ڏهاڙو: سنڌ، لمس ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ريليون ۽ تقريبون، ڀيٽا پيش

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شھيدن جي ياد ۾ ڄامشورو جي مادر علمين ۾ ريليون ڪڍي تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر  ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي کين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي زيرو پوائنٽ کان سينٽر لائبريري تائين نڪرندڙ ريلي ۾ استادن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جو چوڻ هو ته پشاور سانحي کي 6 سال گذري ويا آهن پر اڄ به قوم واقعي کي ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويهي ٿي، آرمي پبلڪ اسڪول جي شھيدن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي سندن خون ڪڏھن رائيگان نه ويندو. ان موقعي تي رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو جو چوڻ هو ته  تعليم ۽ معاشري جي ڀلائي لاءِ پنهنجي جنگ جاري رکنداسين، دشمنن کي هر موڙ تي شڪست ڏينداسين. ٻئي پاسي مهراڻ يونيورسٽي پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ مک آڊيٽوريم ۾ هڪ تقريب ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي قرباني بعد سڄي قوم ۽ ملڪي ادارا انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي خلاف هڪ ٿي بيٺا ۽ ملڪي پاليسين ۾ وڏيون تبديليون آيون. هن چيو ته قومن تي اهڙا ڏينهن ايندا آهن پر اهڙن المين ۽ حادثن مان سبق سکي قومون اڳتي وڌنديون آهن. هوڏانهن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس پاران منعقد ڪيل تقريب کي لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، رجسٽرار ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ۽ ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر محبوب سنجراڻي خطاب ڪندي چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي ٻارڙن سخت حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ شهادت ماڻيائون، اسان کي انهن شهيدن تي فخر آهي، شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اسان پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو. هنن چيو ته پاڪستان جا دشمن خطرناڪ آهن، جن ٻارڙن کي به نه بخشيو، واقعو هانءُ ڏاريندڙ هو، ٻارڙن جون قربانيون ضايع نه ٿيون، دشمن خاڪ ۾ ملي ويا. هوڏانهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پرنسپل سوڌو استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو