261

اي پي ايس سانحي کانپوءِ پوري قوم متحد ٿي دهشتگردي کي تاريخي شڪست ڏني: عمران خان

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اي پي ايس سانحي کانپوءِ پوري قوم متحد ٿي دهشتگردي کي شڪست ڏني. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پشاور ۾ هن وقت تائين دل جي علاج لاءِ ڪابه اسپتال موجود نه هئي، ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ دل جي مريضن واري وارڊ جا نتيجا سٺا نه هئا، پشاور ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي تمام گهڻي ضرورت هئي، اسپتالن جي تعمير ۾ دير ٿيڻ سان لاڳت وڌي ويندي آهي، اسان ڪورونا دوران فنڊز ڳوليا ۽ اسپتال کي مڪمل ڪيو، هن اسپتال ۾  هتي افغانستان کان به مريض علاج لاءِ ايندا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان 6 سال اڳ پيش ايندڙ هانءُ ڏاريندڙ سانحي آرمي پبلڪ اسڪول واري واقعي تي به ڳالهايو ۽ چيو ته اي پي ايس سانحي تي اڄ به دل ڏکيل آهي، اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪيو، دهشتگردي خلاف پوري قوم متحد ٿي ۽ ان کي تاريخي شڪست ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو