275

آل پاڪستان آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئيشن پاران هڙتال، تيل جي فراهمي معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئيشن پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب اسلام آباد، راولپنڊي سوڌو ملڪ جي مختلف علائقن ۾  تيل جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، آئل ٽينڪرز جي وقت ۾ ردو بدل جي خلاف آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽر جي طرفان هڙتال ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پيٽرول پمپن تي پيٽرول جو بحران وڌڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، آل پاڪستان آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري نعمان بٽ جو چوڻ آهي ته راولپنڊي انتظاميه ڏينهن جو آئل ٽينڪرزن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي جيڪو مناسب عمل نه آهي، انتظاميه سان ڳالهيون به ڪيون ويون آهن پيٽروليم واري سيڪريٽري کي خط به لکيو آهي پر لاڳاپيل اختياريون مسئلي جي حل لاءِ سنجيده ناهن ان ڪري مجبور تي هڙتال ڪئي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو