293

شهيد ماءُ جي پٽ جي حيثيت سان اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي والدين سان ايڪي جو اظهار ڪريان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، معصوم شهيدن جي والدين کي سلام آهي، شهيد ماءُ جي پٽ جي حيثيت سان والدين سان ايڪي جو اظهار ڪريان ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث ڪردارن کي انجام تائين پهچائي ڏکوئيل خاندان کي انصاف ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو