ليکڪ: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو عظيم محقق، اسڪالر، تاريخ دان تعليمي ماهر ۽ ڏاهو آهي، جنهن کي سنڌ، پاڪستان ۽ هندستان ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو.ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جو شارح، سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جو ماهر، عظيم استاد، اعليٰ درجي جو منتظم ۽ بي شمار ادارن جو بنياد رکندڙ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي سڄي زندگي تحقيق ۽ تصنيف لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جن موضوعن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪم ڪيو آهي، انهن جو وڌ ۾ وڌ تعلق سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن، سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي، شاهه جو رسالو جنهن جا ڊاڪٽر صاحب 10 جلد ڇپرايا، سنڌ جي ريتن رسمن ۽ روايتن بابت تحقيق ڪري 42 ڪتاب لوڪ ادب جي عنوان سان ڇپرايا. ڊاڪٽر بلوچ وڏي همت ۽ حوصلي جا مالڪ هئا، وٽن فضول ڪچهري لاءِ بلڪل وقت ڪونه هو. سندن زندگي بي حد منتظم هئي، وقت جو قدر ڄاڻندا هئا. ڪڏهين ڪنهن جي گلا ڪون ڪيائون، نه وري ڪنهن جي گلا ٻڌندا هئا. جيڪڏهن ڪو اديب، يا حاسد مٿن ڪا تنقيد ڪندا هئا ته به پاڻ ڪڏهين انهيءَ جو جواب نه ڏيندا هئا پر صبر ۽ تحمل سان اُهي ناجائز ڳالهيون برداشت ڪندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان جيڪڏهين اهڙي تنقيد جو ذڪر به ڪبو هو ته چوندا هئا ته مون وٽ ايترو فضول وقت ناهي جو اهڙين ڳالهين جو جواب لکان. ايندڙ مؤرخ اهو فيصلو ڪندا ته صحيح ڪير هو ۽ غلط ڪير. منهنجو ڊاڪٽر بلوچ سان 1960ع کان تعلق رهيو آهي، 1960ع ۾ جڏهين آئون آرٽس فيڪلٽي ۾ پهريون نمبر آيو هئس ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان وڃي مليو هئس. پاڻ منهنجي پهرئين نمبر اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا هئا ۽ مون کي چيو هئائون ته ايم-اي ڪري اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪجائين. ايم-اي ڪرڻ کان پوءِ جڏهين مونکي ترڪي حڪومت طرفان پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ لاءِ ميرٽ اسڪالرشپ ملي ته ان وقت به ڊاڪٽر بلوچ صاحب بي حد خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. منهنجي ترڪيءَ ۾ قيام جي دوران ڊاڪٽر صاحب پنج دفعا ترڪيءَ تحقيق جي سلسلي ۾ آيا ۽ آئون سندن سفر دوران سڄو وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سان گڏ هوندو هئس. سندن سفر دوران آئون ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم ڪرڻ جي طريقي، وقت جي پابندي ۽ منصوبه بندي کان ايترو ته متاثر ٿيس جو مون به لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو طريقه ڪار استعمال ڪيو، جنهن مان مونکي بي حد فائدو ٿيو ۽ آءُ به کوڙ سارا ڪم ڪري سگهيس. ڊاڪٽر صاحب ۾ نوڙت ۽ نهٺائيءَ هئي ۽ سفر دوران گهڻي ۾ گهڻو وقت ترڪيءَ جي مشهور لائبررين ۾ گذاريو. آچر جي ڏينهن سيرو تفريح ۽ تاريخي عمارتن ڏسڻ لاءِ وقف هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب بحري جهازن ۾ تفريح ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر وڃي تاريخي جڳهن جو مشاهدو ڪندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو دنيا ۾ پسنديده شهر استنبول هو، جيڪو عثماني ترڪن جو 1453ع کان 1924ع تائين تخت گاهه رهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان سندس وفات کان ٻه هفتا اڳ ملاقات ٿي ته چيائون ته پيارا مغل پاڻ وري ڪو جلد ترڪي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيون ته جيئن استنبول جو هلي سير ڪجي. دراصل ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي استنبول جي سليمانيه لائبريري ۾ ريسرچ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ سمنڊ جي ڪناري ٻيڙي تي تريل مڇي ترڪي روٽي ۾ کائڻ ۾ لطف ايندو هو يا وري فرمائش ڪندا هئا ته اڄ عثمان ڪوفتي واري وٽ هلي ڪوفتا کائينداسين.حضرت ايوب انصاريرضه جي مزار تي روزانه زيارت لاءِ انبوح عقيدت مندن جا اچي دعا گهرن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به جڏهن ترڪيءَ ايندا هئا ته استنبول ضرور ايندا هئا ۽ حضرت ابو ايوب انصاري رضه جي مزار تي اچي عقيدت جا گُل نڇاور ڪندا هئا ۽ دعا گهرندا هئا. نماز پڻ اچي ادا ڪندا هئا. مزار تي ڪافي ترڪي ٻليون ويٺيون هونديون هيون. ڊاڪٽر صاحب ضرور کين پيار ڪندو هو. دراصل ڊاڪٽر صاحب کي جانورن ۽ پکين سان بي حد انسيت هئي. سچ پڇو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان منهنجو تعلق اڌ صدي کان مٿي جو هو ۽ مون زندگي ۾ سندن رهنمائي ۾ تمام گهڻو علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اڄ به الله جي فضل سان ڊاڪٽر صاحب جي نقش قدم تي هلندي سندن مشن کي اڳتي وڌائي رهيو آهيان.
)ليکڪ اڳوڻو سفارتڪار ۽ اڳوڻو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سنڌ آھي)
Email: dr.mughul@hotmail.com