ليکڪ: زين سولنگي
ضلعي خيرپور جي ڪوٽڏيجي وارو علائقو تاريخ توڙي ميڊيا ۾ جن ڳالهين جي ڪري مشهور رهيو آهي انهن ۾ هڪ والي رياست ٽالپر خاندان جو تعلق ڪوٽڏيجي سان رهيو آهي، ٻيو ڪوٽڏيجي جي قلعي ۽ ٽيون ڪوٽڏيجيءَ جا وساڻ صاحبان پڻ آهن، ان ئي زرخيز ڌرتيءَ جو هڪ نوجوان اديب، ليکڪ، علم، ادب، تاريخ جي حوالي سان وڏي مقبوليت ماڻيندڙ ويب سائيٽ ”سنڌ سلامت“ جو روح روان ۽ ناميارو ليکڪ، سماج سڌارڪ ۽ هڪ دلبر شخصيت جو مالڪ محمد سليمان وساڻ پڻ آهي، محمد سليمان وساڻ تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جي ننڍڙي ڳوٺ مٺل وساڻ ۾ 13 مارچ 1976ع ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ فيض هاءِ اسڪول ڪوٽڏجي ۽ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1993ع ۾ پاس ڪيائين، ايم بي اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1999ع ۾ ڪيائين، پوءِ جلد محمد سليمان وساڻ 2010ع ۾ سئي سدرن گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتي هن وقت چيف مئنيجر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت جي فورم تان سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت، تحقيق ۽ شعور جي ڦھلاءَ لاءِ جاکوڙيندو رھيو آھي ۽ وڏي ۾ وڏي آن لائين سنڌي لائبريري جوڙي 2500 سئو کان مٿي سنڌي ڪتاب آن لائن ڪيا اٿس. سنڌ سلامت سٿ سنڌي ڪيبورڊ، سنڌي ايڊيٽر مارڪليٽ، سنڌي بلاگر جا ٽيمپليٽ، قرآن شريف جي سنڌي ترجمن جي ويب سائيٽ ۽ اينڊرائيڊ اپليڪيشن، سنڌي ڪتابن جي آن لائين لائبريري ۽ اينڊرائيڊ اپليڪيشن، سنڌي لفظن جي ذخيري Corps جي لفظيڪار جي نالي سان ويب سائيٽ ۽ اينڊرائيڊ اپليڪيشن، الطاف شيخ جي سفرنامن جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن، سنڌي فونٽس جي ويب سائيٽ، سنڌ سلامت جي سنڌي شخصيتن جي انسائيڪلوپيڊيا، تاريخ جي ورقن مان 365 ڏينھن جي سالگرھه، ورسين ۽ واقعن جو ڊيٽابيس، سنڌي ٽائيپنگ ۽ سنڌي سکيا جا آن لائن ورڪشاپ، گوگل ٽرانسليشن سميت مختلف پراجيڪٽ ھلائي رھي آھي ۽ ان سموري ڪم جو سھرو فورم جي سرواڻ محمد سليمان وساڻ ڏانھن وڃي ٿو، سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو سفر اڃا جاري آهي، هن آن لائن سنڌي لائبريريءَ مان تحقيق ڪندڙن، شاگردن، پروفيسرس ۽ عام پڙهندڙن وڏو لاڀ ورتو آهي، هن وقت تائين ان لائبريريءَ ۾ موجود ڪتابن جو 34 لک 65 هزار دفعا آن لائن مشاهدو ڪيو ويو آهي ۽ 9 لک 31 هزار کان مٿي ڪتاب ڊائونلوڊ ٿيا آهن، ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن ۽ واٽس گروپس تي شيئر ٿيندڙ تعداد ان کان سواءِ آهي، بهرحال اهو انتهائي قابل تعريف ڪم آهي، محمد سليمان وساڻ سنڌي ڪتابن کي آن لائن ڪري هڪ تاريخي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. محمد سليمان وساڻ نه رڳو سنڌ سلامت پر سنڌ جي اديبن، سگا جي دوستن، سنڌ جي ماروئڙن جا مختلف موبائل ۽ نيٽ مسئلا سلجهائيندو ۽ سندن رھنمائي ڪندو رھي ٿو پر مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو رھي ٿو. ھو وڏي عرصي کان سماجي تنظيم سگا جي سچل ڳوٺ شاخ سان سلھاڙيل آھي ۽ ھن وقت سچل ڳوٺ شاخ جو جنرل سيڪريٽري آھي. محمد سليمان وساڻ سگا جي پليٽ فارم تان سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي بنيادي سماجي مسئلن جي حل لاءِ نه صرف آواز اٿاريو آهي، پر مسئلا حل پڻ ڪرائيندو رهيو آهي ۽ اتي علمي ادبي پروگرام به ڪرايا آهن، کيس شاهه لطيف ايوارڊ سگا پاران ٻولي جي خدمت عيوض گولڊ ميڊل ايوارڊ، انجمن ترقي پسند منصفين پاران ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، سنڌ فيس بڪ فرينڊز پاران سماجي خدمتن عيوض ايوارڊ، سنڌ فائونڊيشن پاران بهتر ڪارڪردگي ايوارڊ ۽ مظلوم فائونڊيشن پاران لطيف ايوارڊ پڻ مليو آهي، ثقافت کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين کي گهرجي ته اهي به کيس سوين ڪتاب آن لائن ڪرڻ عيوض ايوارڊ ڏين ۽ هن جون خدمتون پڻ وٺن، سليمان وساڻ جي شخصيت کي هيٺيون شعر منسوب ڪجي ٿو.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.