ليکڪ: بشير جانوري
ادب ٻن حصن نثر ۽ نظم ۾ ورھايل آھي. نثر ۾ ڪھاڻيون، ناول، افسانا، مضمون ۽ ٻيون صنفون اچي وڃن ٿيون، جڏھن ته نظم ۾ گيت، غزل، وايون، ڪافيون، ھائيڪا نظم ۽ آزاد نظم وغيره شامل آھن.جڏھن اوھان ڪنھن ماڻھو جي ڪوڙي تعريف ڪرڻ لڳي وڃو ۽ ان جي شخصيت يا لکڻي کي وڌائي چڙھائي پيش ڪيو ۽ ماڻھو خوش ٿيڻ لڳن ۽ ماڻھن ۾ اجائي انا ۽ غرور اچي وڃي ته سمجھي ڇڏيو ته اھو معاشرو ترقي بدران تنزلي طرف وڃي رهيو آهي.ھڪ ته سچ چوڻ ڏکيو آھي ٻيو سچ کي قبولڻ اڃا به وڌيڪ ڏکيو آھي. ادب ۾ تنقيدنگاري به باقاعدي ھڪ صنف آھي ۽ ان صنف تي ڪم ڪندڙن کي نقاد يا تنقيدنگار سڏيو وڃي ٿو.ادبي حوالي سان ڪنھن به اديب جي لکڻين کي پڙھي سمجھي ان ۾ اوڻايون ڪڍڻ ۽ ان تي درست راءِ ڏيڻ کي تنقيدنگاري چئبو آھي.اسان وٽ ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو اديب تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي رڳو ان کي واھه واھه ۽ اجائي خوشامد گھرجي.تنقيدنگار کي به گھرجي ته ھو جنھن اديب جي لکڻي تي تنقيدي رايو ڏئي رھيو آھي تنھن مان ذاتي پسند ۽ ناپسند کي پاسي رکي شخصيت بدران ان جي تحرير تي لکڻ گھرجي.تنقيد برائي تنقيد نه پر تنقيد برائي اصلاح ھجڻ گھرجي.ڪجهھ تنقيدنگار تنقيدي لکڻي دوران ليکڪ جي تحرير تي تنقيد بدران سندس شخصي اوڻاين کي بيان ڪندا آھن ۽ پنھنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ بازاري ٻولي جي صورت ۾ ٻاھر ڪڍندا آھن، جنھن سبب صحتمند تنقيد بدران اجائي پٽاڙ ۽ تنقيدي اصولن جي پڻ انحرافي ٿيندي آھي. اسان وٽ تعارف تجزيي، تبصري ۽ تنقيدي جائزي کي ھڪ سمجھيو وڃي ٿو. اسان جا ڪافي اديب تنقيدي لکڻي ۾ شروعات کان آخر تائين تعريف جا بند ٻڌي ليکڪ کي زمين کان آسمان تائين پڄائي ڇڏيندا آھن، ساراھڻ ڪا خراب ڳالهه ناھي پر تنقيدي لکڻي ۾ رڳو ساراھه کان ڪم وٺڻ آخر ڪھڙي منطق کي ٿو ظاھر ڪري، انسان غلطين جو گھر آھي، ڪا نه ڪا غلطي اوڻائي ضرور ھوندي، جنھن تي اصلاحي تنقيد ڪري سگھجي ٿي، ڪتاب يا شخصيت بابت ڏنل معلومات کي تعارف چئبو آھي، جڏھن ته ڪنھن شخصيت يا لکڻي جي خوبين ۽ خامين کي تجزيو سڏجي ٿو. تبصري ۾ تعارف سان گڏ خوبين ۽ خامين کي بيان ڪيو ويندو آھي، سنڌ ۾ جڏھن تنقيدنگاري جي فن کي ڏسجي ٿو ته ھن صنف ۾ اوھان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو ملندا، ھر اديب کي عزت کپي، شھرت کپي، ھو چاھيندو آھي ته ھن سان رھاڻيون، شامون ۽ مانجھندا ملھايا وڃن.جڏھن ھو اوڻايون ڪڍندو ۽ غلطيون ظاھر ڪندو ته پوءِ ڇونه اصلاحي ھجن ان جي بدلي ۾ جيڪو ڪجهھ کين ڀوڳڻو پوي ٿو تنھن جو ادراڪ شايد ئي ڪنھن ٻئي ماڻھو کي ھجي، تنقيدنگاري جي فن ۽ ان جي اوسر ترقي ۽ ترويج کي ڏسجي ٿو ته مايوسي پلئه پوي ٿي.تمام گھٽ اديب ھن صنف کي پنھنجو ڪن ٿا، ھن وقت تنقيدنگاري جي حوالي سان سنڌ ۾ پروفيسر حزب الله آءِ سومرو، ناز سنائي، محمد موسيٰ ڀٽو، خليق ٻگھيو، مختيار چنو، عادل عباسي، پروفيسر ساجد سومرو ۽ جامي چانڊيو اھم نالا آھن، ماضي ۾ قربان بگٽي، منير سولنگي ۽ تاج بلوچ سٺا نقاد ٿي گذريا آھن. تنقيدنگار ڪھڙي به ٻولي سان منسلڪ ھجي پر ان کي ادبي دنيا ۾ ڌاريو تصور ڪيو وڃي ٿو. پر اسان جي مقابلي ۾ ٻين ٻولين جي تنقيدنگارن کي ڪجهھ موٽ يا مانُ ملي ٿو. جيڪو اسان وٽ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ مثل آھي. تنقيدنگاري به ٻين صنفن جيان ھڪ سگھاري صنف آھي ته پوءِ تنقيدنگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکڻ ڪھڙي منشا کي ظاھر ڪري ٿو. ھونئن به ادب ۾ تنقيدنگارن جو نه ھجڻ ائين آھي جيئن لوڻ بنا ماني يا ڀاڄي جيڪا لوڻ سواءِ بي سواد لڳندي آھي، ائين ئي جيستائين لکڻيون يا تحريرون تنقيدي اصولن کان پاسيريون ٿي لکبيون ته انھن لکڻيڻ ۾ رس چس ۽ دلچسپي بنهھ گھٽجي ويندي ۽ معيار پٽاندڙ ادب جڙي نه سگھندو. ان ڪري ضروري آھي ته ٻين صنفن سان لاڳاپيل اديبن جيان تنقيدنگارن کي به گھربل مانُ ۽ مرتبو ملڻ گھرجي، جنھن جا ھو نه صرف مستحق آھن پر اصولي طور حقدار به آھن.جيڪڏھن اسين ان ڳالهھ جا گھرجائون آھيون ته اسان جو ادب به عالمي معيار مطابق سرجي ته پوءِ متڀيد وارن اصولن کي ختم ڪري ھڪ پيچري تي سفر ڪرڻو پوندو.