190

ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ واپار تان چين ۽ آسٽريليا جو تڪرار…

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

صدر ٽرمپ اليڪٽورل ڪاليج جي ووٽنگ واري مرحلي کي روڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ٽين دنيا جي ملڪن جي اڳواڻن وانگر ڌانڌليءَ جا الزام ھڻي وڏا جلوس ڪڍرائي ۽ واشنگٽن ۾ سندس حامين طرفان عام ماڻهن تي خنجرن سان حملا ڪري زخمي ڪيو ويو، پر ان کان به اڳ ۾ ڪورٽ جي ذريعي اريزونا، جارجيا ۽ پينسلوانيا جي اليڪشن کي روڪڻ لاءِ ڪورٽ جو دروازو پڻ کڙڪايو پر کيس اتان به جواب مليو، جنهن جي ڪري 14 ڊسمبر تي رٿيل اليڪٽورل ڪاليج جي اليڪشن ٿي وئي، جنهن سرڪاري طور تي جوبائيڊن کي ڪامياب قرار ڏنو، پر صدر ٽرمپ اڃا تائين به ڪرسي ڇڏڻ جي موڊ ۾ نه آهي، آمريڪا جھڙي سڌريل ملڪ ۾ جھموريت جا ائين بکيا اڊيڙيا ويندا، اھڙي اميد  ڪنهن کي به نه ھئي، پر اھي ملڪ جن صدر ٽرمپ جي آسري تي پنهنجون پاليسيون بدلايون سي جوبائيڊن جي صدر ٿيڻ تي خوف ۾ ورتل آهن پر سڀ کان وڌيڪ خطو جيڪو ھن وقت جنگ ڏانهن وڌي رهيو آهي سو ايشيا آهي ۽ ايشيا ۾ به وري سينٽرل ايشيا جتي تازو آذربائيجان ۽ آرمينيا جي جنگ مس ختم ٿي آهي پر ڪرغستان جو بحران اڃان اتي ئي موجود آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ وري چين ۽ انڊيا جو تڪرار موجود آهي، اهي تڪرار ته پنهنجي جاءِ تي پر ھن وقت سڄي دنيا جي ميڊيا جو ڌيان آسٽريليا ۽ چين طرفان شروع ڪيل واپاري جنگ ڏانهن آهي جنهن لاءِ آسٽريليا جا سينيٽر ۽ سڄاڻ حلقا چون ٿا ته اھا ھڪ پاسي واري جنگ آهي جيڪا چين طرفان مڙھي وئي آهي. آسٽريليا ۽ چين ۾ واپاري توڙي عسڪري تڪرار ڪو نئون نه آهي پر انهيءَ ۾ تيزي چين طرفان ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ٿيندڙ واپار توڙي فوجي لحاظ کان قبضي جي ڪوشش جي نتيجي ۾ وجود ۾  آئي آهي، جنهن ڪري آسٽريليا آمريڪا جي طرفان چين جي ارھه زورائيءَ کي روڪڻ جي لاءِ ڪوآڊريليٽرل سيڪيورٽي ڊائلاگ (ڪواڊ) جو ميمبر بڻيو آهي، جنهن جا ٻيا ميمبر ملڪ آمريڪا، انڊيا ۽ جاپان به ٿيا، پر ھن اتحاد کي زور وٺرائڻ ۾ صدر ٽرمپ وڏي محنت ڪئي ته جيئن چين طرفان ھٿرادو ٻيٽ ٺاهي ان کي استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي، صدر ٽرمپ کان اڳ به اڳوڻي صدر بارڪ اوباما ڏور اوڀر ايشيا جي ملڪن جي تنظيم آسيان کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، خاص طور تي انهن ملڪن کي جن جا چين سان ٻيٽن جي حوالي سان تڪرار آهن، جن ۾ فلپائين، تائيوان، ويٽنام، جاپان، برونائي ۽ ملائيشيا اچي وڃن ٿا، پر انهن مان تائيوان چين سان مھاڏي اٽڪائڻ لاءِ صدر ٽرمپ تي وڏو زور وڌو ھو ته کيس ھٿيار فراھم ڪري، پر آمريڪا جي اندروني مسئلن ۾ الجھيل هجڻ سبب ٽرمپ ائين نه ڪري سگهيو، جڏهن ته آسٽريليا به صدر ٽرمپ جي ٽيڪرن تي چين سان الجھڻ ۾ دير ئي نه ڪئي، جنهن جو ھڪ اھم سبب چين جو آسٽريليا جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ ھو ۽ ٻيو سبب اتر ڪوريا طرفان لڳاتار ميزائيل تجربا ھئا، جيڪي جاپان جي مٿان گذري سمنڊ ۾ ڪريا ٿي، جنهن جي ڪري جاپان ۽ آسٽريليا خوف ۾ وٺجي ويا،  اھڙي خطري کي محسوس ڪندي آسٽريليا جو وزير اعظم اسڪاٽ موريسن چين خلاف ھڪ فوجي اتحاد ٺاهڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر ڪواڊ جي ملڪن ڏٺو ته انڊيا جي لداخ واري واديءَ جي پٽيءَ تي چين قبضو ڪري ويو ته ڪواڊ جي ڪنهن به ملڪ ھن جي مدد نه ڪئي، ابتو صدر ٽرمپ انڊيا ۽ چين جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ تي زور ڀريو، پر اسڪاٽ موريسن پاڻ کي يورپي نسل جو سمجهندي چين جي ڪووڊ 19 واري بيماريءَ کي صحيح نموني سان سنڀال نه ڪرڻ، چين طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙي، خاص طور تي سنڪيانگ صوبي جي مسلمان آباديءَ تي ظلم ۽ ھانگ ڪانگ ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت ۾ سخت بيان ڏئي ڄڻ ته چين کي چيڙائي  وڌو، ان کان اڳ فائيو آءِ جي ملڪن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چين جي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ وڌندڙ اثر کي روڪڻ لاءِ مزاحمت وارا بيان ڏنا ويا، پر چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاھو ليجيان فائيو آءِ جي وارن جي گڏيل پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو ته ڪنهن به ملڪ کي جرئت نه آهي ته چين ڏانهن اک کڻي ڏسي پر جيڪڏهن ڪو ڏسندو ته اھو انڌو ٿي ويندو، فائيو آءِ ھجي يا ٽين آءِ چين تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، چين جي اھڙي بيان کان پوءِ ھڪدم آسٽريليا مان ايندڙ شين تي ٽئڪس مڙھيو ويو، جنهن ۾ شراب تي به 200 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪري ھڪ قسم جي واپاري جنگ جو اعلان ڪيو ويو، پر ان کان اڳ ۾ به چين گوشت، ڪوئلي، جَوَن، سامونڊي کاڌي، کنڊ ۽ ڪاٺ جو سامان گهرائڻ گهٽائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري آسٽريليا معاشي طور تي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن آسٽريليا ۾ سيڙپڪاري ڏسبي ته چين سڀ کان وڌيڪ نظر ايندو، جنهن جو اندازو 2019ع ۾ آسٽريلين بيورو شف اسٽيٽسٽڪس جي ھن رپورٽ مان لڳائي سگهجي ٿو ته چين ھن وقت تائين 78.2 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته 10 لک ھيڪٽرن کان وڌيڪ زمين جو مالڪ به آهي پر گذريل ٻن سالن کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا تمام خراب ٿي چڪا آهن، چين ھاڻي آسٽريليا کي ڌمڪي ڏئي خاموش ڪرائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته آسٽريليا به ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ پنهنجو اثر چاهي ٿو، پر ٻنهي ملڪن ۾ تازي تڪرار  جو سبب آسٽريليا جي فوجيءَ طرفان افغان ٻار جو ڳلو ڪپڻ واري تصوير آهي، چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي وال تي اها تصوير رکي جنهن تي نه صرف آسٽريليا پر نيوزيلينڊ جي وزير اعظم جيسنڊا آرڊين پڻ تنقيد ڪئي پر چين ان کي کاتي ۾ نه  آندو ۽ اڃا وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ڌمڪي ڏني،

ھن سڄي پس منظر ۾ ايندڙ آمريڪي صدر جنهن جي سڄي ٽيم بارڪ اوباما واري آهي، جنهن کي آمريڪي ميڊيا ته جوبائيڊن واري ٽرم کي اوباما جو ٽيون دور ٽرم ٿي سڏي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته اوباما آسيان جي ملڪن کي گڏ ڪيو ھو پر سڌيءَ ريت چين جي مقابلي ۾ ڪو به نه آيو ۽ ھاڻي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ٿيندڙ واپار تي ڪنهن جو حڪم ھلندو اھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو، پر چين ھن وقت ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ٿيندڙ دنيا جي ٽيهھ سيڪڙو واپار کي گوادر ذريعي چين ڏانهن کڻي وڃڻ جون ڀرپور تياريون ڪري رهيو آهي، ڏسجي ته جوبائيڊن چين جي واپار کي روڪي سگهي ٿو يا نه؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو