183

پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ…

ايڊيٽوريل

حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت اڄ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ پڻ 3 رپيا في لٽر اضافو ڪيو ويو آهي، خزاني واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي في لٽر اگهه ۾ 3 رپيا واڌ سان هاڻ پيٽرول 103 رپيا 69 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ پڻ 3 رپيا واڌ سان نئين قيمت 108 رپيا 44 پئسا ٿي وئي آهي، حڪومت گاسليٽ جي اگهه ۾ به 5 رپيا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد گاسليٽ 70 رپيا 29 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي، لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا واڌ سان اهو به 67 رپيا 86 پئسا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق نيون قيمتون رات 12 هين بجي کان 31 ڊسمبر تائين لاڳو هونديون.اسان سمجهون ٿا ته اها ملڪ جي عوام لاءِ انتهائي خراب خبر آهي ۽ موجوده حڪومت پاران پيٽروليم اگهن ۾ واڌ ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿي، پر گذريل ٻن سالن دوران مسلسل اها پريڪٽس هلندي ٿي اچي، هن وقت جڏهن پاڪستان ۾ مهانگائي انتهائي عروج تي پهتل آهي ۽ خود حڪومتي وزير ۽ مشير به ان ڳالهه جو کليل اعتراف ڪري رهيا آهن ته اسان مهانگائي تي ضابطو نه آڻي سگهيا آهيون، ان کان اڳ کنڊ، اٽي ۽ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ بابت حڪومت طرفان ڪاميٽيون قائم آهن ۽ ٺيڪ جڏهن پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي، ان ئي ڏينهن پيٽروليم بحران بابت حڪومتي ڪاميٽي جي رپورٽ پڻ اچي وئي آهي، تحقيقاتي ڪميشن پاران وزيراعظم کي پيش ڪيل رپورٽ ۾  اوگرا کي ايڪٽ آف پارليامينٽ ذريعي ختم ڪرڻ ۽ سيڪريٽري پيٽروليم خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمپنين تيل جون قيمتون وڌڻ تائين ان جو ذخيرو ڪيو ۽ سپلاءِ گهٽائي، ڪمپنين کان 20 ڏينهن تائين ذخيرو نه ڪرائڻ اوگرا جي ناڪامي آهي، رپورٽ ۾ ڊي جي آئل کي غيرقانوني طور تي ڪوٽا مختص ڪرڻ ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون ذخيرا اندوزي ۾ ملوث رهيون، جنهن سبب پيٽرول جو بحران ٿيو، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وٽرنري ڊاڪٽر شفيع آفريدي کي وزارت ۾ ڊي جي آئل لڳايو ويو جنهن وٽ آئل سيڪٽر ۾ ڪم جو ڪو به تجربو نه هو. اها ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته حڪومت جانورن جي هڪ ڊاڪٽر کي آئل سيڪٽر ۾ ڊي جي جي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو، هيءَ اها رپورٽ آهي جيڪا حڪومت پاڻ ڪرائي آهي، ظاهر آهي ته جڏهن سفارش ڪلچر تي ان قسم جا ماڻهو وڏن عهدن تي لڳايا ويندا ته اهي ڊليور ڪرڻ بدران خود حڪومت ۽ ادارن لاءِ مصيبتون پيدا ڪندا، ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ صرف هڪ رپئي جي واڌ سان به ٻيون سڀ شيون پاڻمرادو مهانگيون ٿي وڃن ٿيون، واپارين سميت هر ننڍو وڏو ڪاروبار ڪندڙ شخص کي اهو بهانو ملي وڃي ٿو ته جيئن ته پيٽرول جا اگهه وڌي ويا آهن، ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، ان ڪري مجبورن اسان به قيمتون وڌايون آهن، صرف هڪ اسم ۾ واڌ سان زندگي جي بنيادي ضرورت جي هر شيءِ ۾ واڌ ٿئي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته جتي اڳ ئي ماڻهو مهانگائي سبب هڪ ويلو کائڻ لاءِ پريشان آهن، اٽو، کنڊ سميت سبزيون به عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، اتي پيٽروليم مصنوعات جا اگهه وڌائي غريبن کان اهو اڌ گرهه کسڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪو جيئدان لاءِ ضروري هوندو آهي، ان ڪري حڪومت کي اهڙي نوٽيفڪيشن تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ گهرجي ڇو ته حڪومتن جو ڪم عوام کي رليف ڏيڻ هوندو آهي. آزارڻ ناهي هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو