ليکڪ: پروفيسر اختيار گھمرو
ملڪن وچ ۾ علائقائي اتحاد قائم ڪرڻ جو مقصد واپار ۽ تجارت کي ھٿي وٺرائڻ هوندو آهي. جنھن جي نتيجي ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ سياسي، سماجي، معاشي تعاون کان سواءِ سامان جي اچ وڃ تي ڪسٽم ڊيوٽين جو خاتمو ڪرڻ سميت ماڻھن جي اچ وڃ کي ويزا جي پابندين کان آجو ڪيو ويندو آھي.يورپي يونين جو بنياد وجھندڙ ماڻھن ۾ مزاحمتي ويڙهاڪن، وڪيلن، پارليامينٽرين سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شامل آهن.انھن ماڻھن جو خيال هو ته يورپ ھڪ پرامن، متحد ۽ خوشحال خطو بڻجي.يورپي يونين دراصل پاڙيسري ملڪن وچ ۾ خوني جنگين جي خاتمي لاءِ جوڙي وئي هئي. سڀ کان پهرين 1950ع ۾ ڪوئلو ۽ اسٽيل پيدا ڪندڙ ڪجھه يورپي ملڪن وچ ۾ معاشي ۽ سياسي اتحاد قائم ڪيو ويو هو. ھن اتحاد ۾ 6 بنيادي ميمبر ملڪ بيلجيئم، فرانس، جرمني، اٽلي، لگزمبرگ ۽ هالينڊ شامل ٿيا. ان کانپوءِ 1957ع ۾ روم معاھدي جي نتيجي ۾ يورپين اڪانامڪ ڪميونٽي (EEC) يا ڪامن مارڪيٽ وجود ۾ آئي، پھرين جنوري 1973ع تي ڊينمارڪ، آئرلينڊ ۽ برطانيا يورپي يونين جا ميمبر ٿيا (جنهن سان ميمبرن جو تعداد 9 ٿيو). 1981ع ۾ يونان ڏھين ميمبر طور شامل ٿيو ۽ ان جي پنجن سالن بعد اسپين ۽ پورچوگال به ميمبر ٿيا.يورپ ۾ 9 نومبر 1989ع تي برلن ديوار جي ڊھڻ جي نتيجي ۾ اولهه ۽ اوڀر جرمنيءَ وچ ۾ 28 سالن کانپوءِ بارڊر کوليو ويو ۽ نيٺ آڪٽوبر 1990ع ۾ ٻئي جرمنيون ھڪ ٿي ويون، ماسٽرچ معاهدي تحت پھرين نومبر 1993ع تي يورپي ملڪن وچ ۾ ھڪ تمام وڏو سياسي، سماجي ۽ معاشي اتحاد قائم ٿيو ۽ ھڪ ڪرنسي (يورو) وجود ۾ آندي وئي. ان کانسواءِ گڏيل پرڏيهي ۽ گهرو تحفظ ۽ گڏيل شھريت جي بنياد تي يورپي يونين جو اتحاد جوڙيو ويو، جنهن ۾ برطانيا سميت 28 ملڪ شامل ھئا.برطانيا ۾ شروع کان وٺي يورپي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي فائدن ۽ نقصانن بابت بحث ھلندو رھيو آهي، برطانيا ٻيٽ نما ملڪ ھجڻ ڪري سالن کان کنڊ مان نڪتل/بريگزٽ ٿيل آهي.سندس تاريخي طور سڃاڻپ عالمي سامراجي ملڪ واري رھي آھي، ان کان سواءِ ٻي عالمي ويڙهه جي ڪاميابي، معاشي ترقيءَ ۽ يورپ مخالف برطانوي پريس ماڻھن کي بريسلز ٺاهه خلاف تمام گهڻو ڀڙڪائي ڇڏيو. انھن سڀني ڳالھين ڪري اھو تصور جڙيو ته يورپي يونين برطانيا دشمن منصوبو آھي، تنقيد نگارن موجب يورپي يونين 1980ع واري ڏهاڪي کان نيولبرل معاشي پاليسي کي پنھنجي پاليسين جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. اتحاد مخالفن موجب هن ٺاهه ۾ (ھڪڙي مارڪيٽ، ماسٽرچٽ معاهدو، ھڪ ڪرنسي، استحڪام ۽ ترقيءَ وارو معاهدو، آزاد واپار، خانگائڻ وارو عمل، مزدور دشمن قانون، ترقي مخالف ٽيڪس انتظاميه، سماجي ڀلائيءَ وارن خرچن ۽ مالي سھڪار ۾ گھٽتائي) جھڙا منصوبا ماڻھن جي خواھشن جي ابتڙ ٿاڦيا ويا آهن، ليگزيٽرس جي خيال ۾ يونين جون نيولبرل اٿاريٽيريين پاليسيون ساڄي ڌر کي ھٿي وٺرائينديون. يورپي يونين مان نڪرڻ بابت ليگزيٽرس جو چوڻ آهي ته ان سان ٻن اھم شعبن کي بچائي سگھنداسين: ھڪ جمھوري سياسي سرشتو ۽ ٻيو سماجي سياسي معاشرو. نيٺ برطانوي وزيراعظم ڪيمرون 2013ع ۾ يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيهر ريفرنڊم ڪرائڻ جو ان خيال سان اعلان ڪيو ته ماڻھو يونين ۾ رهڻ جي حق ۾ ووٽ ڏيندا، پر سندس اھو اندازو بلڪل غلط ثابت ٿيو. نيٺ برطانيا پاران 2017ع ۾ يورپي يونين کي بريگزٽ جو نوٽيس ڏنو ويو. (بريگزٽ انگريزي ٻوليءَ جي ٻن لفظن (Britain Exit) کي ملائڻ سان ٺھي ٿو، جنھن جو مطلب برطانيا جو نڪري وڃڻ آھي) ھن موجب مارچ 29، 2019ع واري تاريخ باقاعده بريگزٽ/طلاق/ نڪرڻ لاءِ طئي ٿي. پر ٺاهه نه ٿيڻ ڪري يورپي يونين کي نئين تاريخ جي گذارش ڪئي وئي، جيڪا 12 اپريل 2020ع جي تاريخ تي راضي ٿي، پر ان کانپوءِ به لنڊن ۾ ڪو معاهدو طئي نه ٿي سگهيو آهي، ان کانپوءِ برطانوي وزيراعظم مسز مي کي نئين تاريخ لاءِ گذارش ڪرڻي پئي، جنهن تحت 31 آڪٽوبر 2020ع جي تاريخ طئي ڪئي وئي. مسز مي جي استعيفي کانپوءِ جانسن جولاءِ ۾ برطانيا جو وزيراعظم ٿيو، جنهن اعلان ڪيو ته برطانيا ان تاريخ تي يونين مان نڪري ويندو. پر سندس پارٽي ميمبرن ۽ مخالف ڌر جي دٻاءَ سبب مجبورن ھن کي نين چونڊن جو اعلان ڪرڻو پيو، جنهن ۾ ھن جي پارٽيءَ 1987ع واري چونڊن کانپوءِ 80 سيٽون وڌيڪ کنيون ۽ نيٺ ايندڙ سال جي 31 جنوريءَ تي برطانيا 47 سالن کانپوءِ يورپي يونين مان نڪري ويندو. بريگزٽ معاهدي تحت اھو ڏينهن پوئتي ڌڪجي (2022ع يا 2023ع) تائين ٿي سگهي ٿو پر برطانوي وزيراعظم جانسن ان ۾ واڌ واري صلاح کي رد ڪري چڪو آهي. بريگزٽ جي نتيجي ۾ ڇا تبديل ٿيندو؟ يورپي يونين جي لسبن معاهدي جي آرٽيڪل 50 موجب يونين مان نڪرڻ لاءِ ٻن سالن جو وقت ڏنل آهي، جنهن دوران قانوني گھرجون پوريون ڪرڻيون ھونديون آهن. گھڙيال جي سئي تيزيءَ سان ٽڪ ٽڪ ڪري رھي آھي. ٽائيم ويجھو اچي رهيو آهي. ھن ٽائيم ۾ واڌ جي درخواست جولاءِ ۾ ڪري سگهجي ٿي. جونسن بار بار ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته ھو ھن سال جي پڄاڻيءَ تي نڪرڻ وارو عمل پورو ڪري ويندو. جيڪڏهن ھو پنھنجي زبان کي پاڻي ڏيڻ چاهي ٿو ته برطانيا ۽ يورپي يونين کي ٺاهه تي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو تمام ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.
آخر ايڏو وڏو معاهدو ڇو؟ يورپ برطانيا جو تمام اھم ۽ وڏي کان وڏو واپاري ۽ ٻاھرين سيڙپڪاريءَ جو ذريعو رهيو آهي. يورپي يونين جي ميمبريءَ لنڊن کي عالمي مالياتي مرڪز بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي، بريگزٽ جي ڪري ڪجهھ اھم ڪاروباري ڪمپنين برطانيا مان نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي يا نڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جن مان ھڪ ايئر بس ڪمپني آھي جيڪا سڌيءَ طرح 14000 ھزار ملازمتون ۽ اڻ سڌي طرح ھڪ لک نوڪرين جي پيدا ڪرڻ جو سبب آهي. ان کانسواءِ اھو به خدشو آھي ته بريگزٽ جي نتيجي ۾ برطانوي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) ايندڙ 15 سالن تائين 4 کان 9 سيڪڙو گھٽ رھندي. ان جو به دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته برطانيا ڪھڙن شرطن طئي ڪرڻ بعد يونين مان نڪري ٿو. بريگزٽ جي نتيجي ۾ آزاد اچ وڃ جو خاتمو ايندو. مطلب يورپ جي ٻين ملڪن مان ايندڙ يا رھندڙ ماڻھن جي برطانيا ۾ اچڻ تي پابندي ھوندي (خاص ڪري يورپي محنت ڪشن لاءِ) ڳالھيون ٺھيل شين ۽ خدمتن متعلق ٿيڻيون آهن، جيڪي برطانوي معيشت لاءِ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون. جيڪڏهن ٻئي ڌريون معاهدي ڪرڻ ۾ ناڪام ويون يا صرف ڪجھه معاملا طئي ٿي سگھيا ته به برطانيا بنا ٺاهه جي بلاڪ مان نڪري ويندو، جنهن سان ڪسٽم ڊيوٽي وڌڻ، بارڊر تي رڪاوٽون ظاهر ٿيڻ سان گڏ ڪيترائي قانون تبديل ٿي ويندا، جن ۾ خاص ڪري محنتن، ماحوليات ۽ سامان جي تحفظ جھڙا قانون شامل آهن. ماھرن موجب جيترو وڌيڪ برطانيا پنھنجي قائدن قانونن تي زور ڀريندو اوترو وڌيڪ يورپي يونين ان کي پنهنجي مارڪيٽن کان پري رکندو. جنوري 31، 2021 ۾ گھٽ ۾ گھٽ 7 شيون تبديل ٿي وينديون. جھڙوڪ: يورپي ملڪن ڏانهن سفر لاءِ وڌيڪ پلاننگ جي ضرورت پوندي، پاسپورٽ جي مدو ختم ٿيڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 6 مھينا رھيل ھجڻ لازمي ھوندا، صحت انشورنس، ڊرائيونگ لاءِ ڪاغذ پٽ، جانور وٺي وڃڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ مفت رومنگ جي سھولت پڻ ختم ٿي ويندي. ان کانسواءِ برطانوي شھرين کي بارڊر تي الڳ لائن ۾ بيھڻو پوندو ۽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ، رھڻ لاءِ گھربل پئسا ھجڻ جو به ثبوت ڏيڻو پوندو، ڊيوٽي فري خريداري واپس ايندي، ٻاھران سامان کڻي اچڻ جي حد مقرر ٿيندي (ڊيوٽي فري لسٽ). يورپ وڃڻ لاءِ وڌيڪ ڪاغذ پٽ گھربل ھوندا. مطلب ته 31 جنوري تي ماڻھن جي آزاد اچ وڃ جو خاتمو ايندو. يورپي شھرين لاءِ برطانيا ۾ رھڻ لاءِ 30 جون 2021 تائين ساڳيا قانون ھلندا، جنهن بعد نئون اميگريشن طريقو اختيار ڪيو ويندو. برطانيا ۾ ٻاھران ايندڙن لاءِ پوائنٽن تي ٻڌل طريقو اختيار ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ويزا في لاڳو ٿيندي. شيون ٻاھران کان واپار ڪندڙن کي ڪسٽم ڊڪليئريشن ڪرڻيون پونديون ۽ گڏوگڏ اڃا ڪجهه وڌيڪ شيون طئي ٿيڻيون آهن، مڇي مارڻ لاءِ حدون مقرر ڪرڻ، دوائن جا لائسنس ۽ قانون، قانون تي عمل ڪرائڻ، معلومات جي مٽاسٽا ۽ سيڪيورٽي وارا معاملا به طئي ٿيندا، يورپي يونين ۽ برطانيا کي نوان قانون ٺاھڻا آھن ته اھي پاڻ ۾ ڪيئن رھندا، ڪم ڪار ڪيئن ڪندا ۽ واپار ڪيئن ڪندا؟ جيڪڏهن معاھدو نه ٿيو ته برطانيا جي دڪانن کي مھانگيون شيون ملنديون. بارڊر چيڪنگ جي ڪري سامان جي فراهمي ۾ دير پڻ ٿيندي. برطانيا جڏهن يورپي يونين جو حصو نه ھوندو ته ھر ڪنھن ملڪ سان معاهدي ڪرڻ ۾ آزاد ھوندو. يونين جي ميمبر ھجڻ ڪري 70 ملڪن سان معاهدن جو حصو ھيو. چيو وڃي ٿو ته ڇڏڻ کانپوءِ امڪان آهي ته 50 ملڪن سان معاهدو ڪري ساڳئي قسم جو واپار جاري رکڻ ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي، پر اڄ تائين خبرون اھي آھن ته ٻنھي ڌرين ۾ ڪنهن به ٺاهه ٿيڻ جو امڪان بظاهر ختم ٿي ويو آهي. ٻنھي ڌرين وٽ 31 ڊسمبر جي تاريخ آخري آھي ته اھي ڪنھن ٺاهه تي پھچي وڃن جيڪو تمام گهڻو مشڪل نظر اچي رهيو آهي.