لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته 1971 وانگر اڄ به ووٽ جي عزت پائمال ڪئي پئي وڃي، هن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور وارو دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، دهشتگردن اسان جي گلن جهڙن ٻارڙن، اسان جي مستقبل کي اسان کان ڇني ورتو، قوم ميان نواز شريف جي قيادت ۾ هٿياربند فوج، سڪيورٽي ادارن جي مدد سان پنهنجي ٻارڙن جي خون جو بدلو ورتو، دهشتگردن جي پاڙ پٽي ۽ امن بحال ڪيو، مريم نواز وڌيڪ چيو ته 49 ورهين پهريان اڄ جي ڏينهن تي قائد اعظم جي پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪيو ويو، هڪ ڊڪٽيٽر عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ووٽ جي عزت پائمال ڪئي، حمود الرحمان ڪميشن جي سفارش کي ٺڪرائيندي اڄ به ووٽ ڀجي عزت کي پائمال ڪيو پيو وڃي، پر هاڻ ايئن نه ٿيندو.
283