265

مخالف ڌر مان ڪوبه خطرو ناهي، سينيٽ چونڊ وقت کان اڳ ڪرائينداسين، اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو: وزيراعظم

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر مان ڪوبه خطرو ناهي، لاهور جلسي واري ڏينهن ڇا ڪري رهيو هوس سڀني کي معلوم آهي، سينيٽ جي چونڊ وقت کان اڳ ڪرائينداسين، پئسو ناهي، نه ته پوري ملڪ ۾ اسپتالون جوڙايان. پشاور ۾ مختلف تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊ ۾ شو آف هينڊ ذريعي چونڊ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري رهيا آهيون، اٽارني جنرل جي معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني آهي، حڪومت جي لاءِ سينيٽ چونڊ ۾ هارس ٽريڊنگ آساني سان ٿيندي آهي، اسان 20 ايم پي ايز کي پارٽي مان ڪڍيو، ڇوته اسان شفاف چونڊن تي يقين رکون ٿا، مخالف ڌر سان ڳالهين جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ اپوزيشن 34 صفحن جو اين آر او گهري ورتو، پر اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مخالف خلاف ڪيس اسان جي حڪومتن ۾ ناهن ٺهيا، مخالف ڌر جن ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي اهي ماضي جا آهن، هن چيو ته اسان جي حڪومت کي مخالف ڌر مان ڪوبه خطرو نه آهي، لاهور واري جلسي جي ڏينهن ڇا ڪري رهيو هوس اهو سڀ ڪنهن ڏٺو، مون تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه آهي، عمران خان جو اهو به چوڻ هو ته مخالف ڌر جلسا ڪري رهي آهي، مان چاهيان ته هاڻي به اپوزيشن کان وڏو جلسو ڪري سگهان ٿو. وزيراعظم  اي پي ايس پشاور سانحي تي ڳالهائيندي چيو ته اي پي ايس واقعي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو، وزيراعظم چيو ته عوام کي دل جي مرض جي علاج جي سهولت لاءِ اهو اهم منصوبو آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت دل جي مرض ۽ ڪينسر سبب ٿيندا آهن، پشاور ۾ دل جي مرض جي علاج جو انسٽيٽيوٽ جو نه هجڻ ان سڄي علائقي جي لاءِ ظلم هو، ليڊي ريڊنگ اسپتال جي دل جي مرض جي انسٽيٽيوٽ جي حالت بهتر نه هئي، ان لاءِ دل جي مرض جي علاج جي لاءِ هڪ بهترين انسٽيٽيوٽ جي ضرورت هئي، اسپتالن جي تعمير ۾ جڏهن دير ٿيندي آهي ته انهن جا خرچ وڌي ويندا آهن، هي سڄي صوبي جي مريضن جي لاءِ هڪ بهترين انسٽيٽيوٽ آهي، ان ۾ سهولتن کي ڏسندي افغانستان مان به مريض هتي ايندا. محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا صورتحال ۾ ان منصوبي جي تڪميل اهميت رکندڙ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن رياست پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي هئي، دنيا جي فلاحي رياست حضور اڪرم ﷺ ٺاهي هئي، خيبرپختونخوا فيصلو ڪيو هو ته سمورن شهرين کي هيلٿ انشورنس ملندي، اسان کان وڌيڪ ڪيترا امير ملڪ آهن پر انهن به يونيورسل هيلٿ جون سهولتون پنهنجي شهرين کي ناهن ڏنيون. ان فيصلي سان غريب گهراڻي کي اعتماد ملندو ته ڪنهن به قسم جي بيماري هوندي ته کين هيلٿ ڪارڊ علاج جي مفت سهولت ملندي، اهو پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ هڪ انقلاب آهي جنهن سان پورو صحت جو نظام بهتر ٿي ويندو ڇو ته حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتال ٺاهي، بدقسمتي سان ملڪ تي ايترا وڌيڪ قرض آهن، اسان جيڪو هر سال ٽيڪس جمع ڪرائيندا آهيون ان جو اڌ ته قسطن جي ادائيگي تي خرچ ٿي ويندو آهي، پر هيلٿ ڪارڊ جي ڪري نجي شعبو اسپتالن جي تعمير ۾ اڳتي اچي رهيو آهي ڇو ته جنهن وٽ اهو هيلٿ ڪارڊ هوندو اهو نجي يا سرڪاري اسپتالن مان پنهنجي مرضي موجب علاج ڪرائي سگهندو، ان جي ڪري نجي شعبو پوئتي پيل علائقن ۾ به اسپتال ٺاهيندو، وزيراعظم چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ نجي شعبي کي اسپتال ٺاهڻ جي لاءِ سستي زمين ڏني ويندي، پنجاب ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي تهنجي شعبي کي اوقاف جي زمينن تي اسپتال ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن زمين سستي هوندي ته اسپتالون ٺهنديون ۽ پاڪستان ۾ جيڪي طبي اوزار نٿا ٺهن انهن تي اسان ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ٻاهران طبي سامان اسپتال گهرائي سگهن. وزيراعظم چيو ته ماڻهن جي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي معيار کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، ان جو معيار ڪرڻ نه گهرجي. سرڪاري اسپتالن ۾ معيار آهستي آهستي ڪري ويندو آهي، معيار کي برقرار رکڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، شوڪت خانم اسپتال جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها آهي ته 25 سالن ۾ ان جو معيار بهتر ئي ٿيو آهي گهٽ ناهي ٿيو، هن چيو ته هو چاهي ٿو ته معياري سرڪاري اسپتالون ٺهن ڇو ته اهو نه ٿئي ته صرف غريب ماڻهو ئي اسپتالن ۾ اچن، امير ماڻهو ته علاج لاءِ نجي اسپتالن ۾ هليا ويندا آهن، وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ پمز اسپتال ۾ سڌارن جي خلاف ملازمن هڙتال ڪري رهيا آهن، هو انهن کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته اسپتالن ۾ سڌارن جو صرف هڪ مقصد آهي ته سرڪاري اسپتالن جو انتظام به ايئن ئي هلي جئين نجي اسپتالن جو هوندو آهي، نجي اسپتالن ۾ سزا ۽ جزا جو عمل هوندو آهي، ان لاءِ ڪامياب هوندا آهن، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو، سڌارن جو مقصد اهو آهي ته بورڊ ٺاهيا وڃن جيڪي نجي اسپتالن وانگر انهن جا معاملا هلائين، سڌارن جو مقصد نجڪاري نه آهي، ان جو مقصد ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، محنت ڪندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر کي به ڇا اهو ئي پگهار ملڻ گهرجي جيڪو ڪم نٿو ناهي ڪندو. جڏهن ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ڪارڪردگي ۾ فرق نٿو رکيو وڃي ته ڪم ڪير ڪندو، پرائيويٽ اسپتالن ۾ جيڪو ڪم نه ڪندو ان کي وارننگ ڏيڻ کانپوءِ ڪڍيو ويندو آهي، جڏهن جزا ۽ سزا جو عمل ختم ٿيو ته سرڪاري اسپتالن جو معيار ڪِري ويو، وزيراعظم چيو ته اسان جو مقصد نجڪاري نه پر سڌارن جو مقصد صرف غريبن کي علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اسپتالن جو نظام بهتر بڻائڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو