268

لاهور ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، نوڪريون ڏيارڻ جي بهاني سان 10 هزار ماڻهن کي ڦريندڙ همراهه گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري نوڪريون ڏيارڻ جي بهاني سان ڏٽا ڏئي 10 هزار ماڻهن کي ڦريندڙ همراهه گرفتار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ونگ لاهور ۾ ڪارروائي ڪري آن لائين نوڪريون ڏيڻ جي لالچ ڏئي عوام کي ڦريندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته جوابدار معروف ڪمپنين جي نالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيترائي پيج ٺاهي رکيا هئا،  جن جي ذريعي آن لائين نوڪريون ڏيڻ جا اشتهار ڏيندو هو پوءِ انهن بيروزگار ماڻهن کان رقم وصول ڪندو هو، ايف آءِ اي مطابق جوابدار 10 هزار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي لالچ ڏئي ڏئي چڪو آهي، متاثرن جو تعلق لاهور، ڪراچي، حيدرآباد سوڌو ملڪ جي ٻين شهرن سان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو