269

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي 460 اربن جي ادائيگي لاءِ ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي 460 ارب رپين جي ادائيگي لاءِ ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، بحريا ٽائون جي وڪيل ٻڌايو ته ڪورونا سبب دنيا ۾ ڪاروبار ختم ٿي چڪا آهن، اڪنامڪ رپورٽ مطابق لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، ان ڪري 460 ارب رپين جي ادائيگي لاءِ ٽن سالن جي مهلت ڏني وڃي. عدالت وڪيل کان سوال ڪيو ته اوهان ٻيا ڪاروبار ڇڏيو اهو ٻڌايو ته بحريا ٽائون کي ڪهڙو نقصان پهتو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪراچي پروجيڪٽ ته بحريا اڳ ئي وڪرو ڪري چڪو آهي. ان موقعي تي جسٽس منيب اختر جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ڪا بئنڪ ته ناهي جو ڳالهيون ڪري رعايت وٺو. سپريم ڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائيندي بحريا ٽائون جي 460 ارب رپين جي ادائيگي لاءِ ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو