261

جوبائيڊن جي اچڻ کان وڌيڪ دهشتگرد ٽرمپ جي وڃڻ تي خوشي آهي: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ آهي ته جوبائيڊن جي اچڻ کان وڌيڪ دهشتگرد ٽرمپ جي وڃڻ تي خوشي آهي. ايران جي ڪابينا کي خطاب ڪندي صدر حسن روحاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دهشتگرد قرار ڏيندي چيو ته خوشي آهي ته هڪ لاقانونيت وارو آمريڪي صدر وڃي رهيو آهي، خوشي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ڇڏي رهيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو سڀ کان وڏو لاقانونيت وارو صدر ۽ دهشتگرد هو. هن چيو ته نئين صدر جوبائيڊن جي اچڻ جي وڌيڪ خوشي ته ناهي پر ٽرمپ جي وڃڻ تي خوشي ضرور ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو