318

ماضي جي مشهورلالي ووڊ اداڪاره فردوس بيگم لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بهترين اداڪاري تي ٽي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ۽ ماضي جي مشهور لالي ووڊ اداڪاره فردوس بيگم لاڏاڻو ڪري وئي آهي، فردوس بيگم دماغ م ڳوڙهي جي مرض سبب نجي اسپتال ۾ داخل هئي جتي هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، فردوس بيگم پونئرن ۾ ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ڇڏيو آهي، فردوس بيگم پنهنجي فني سفر جي شروعات 1963ع ۾  فلم فانوس سان ڪئي هئي، 1965ع ۾ سندس فلم ملنگي ڪامياب ٿي، هن جي فلم اسٽار اڪمل خان جوڙي هٽ ٿي، ٻنهي شادي ڪئي، اڪمل گلبرگ جي علائقي ۾ هڪ مارڪيٽ خريد ڪئي ان جو نالو فردوس رکيو، جيڪا مارڪيٽ اڄ به مشهور آهي، فردوس بيگم 1976ع ۾ فلم انڊسٽري کي خيرآباد چيو، پوءِ ٻيهر سلور اسڪرين ۾ سامهون آئي، هن پنهنجي فني سفر دوران 170 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ اردو، پنجابي ۽ پشتو زبان ۾ هيون، هن ٽي ڀيرا بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو