حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کانپوءِ سماجي تنظيم ٿرديپ پاران سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ ڊي ايڇ او حيدرآباد سان گڏجاڻي ڪئي وئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر محمد جمن ٻاهوٽو سماجي تنظيم ٿرديپ جي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر شهناز سيال شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ دوران ڊي ايڇ او کي ٿرديپ پاران تازو ئي شروع ڪيل پروجيڪٽ ڪيپ ڪووڊ-19 بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، جنهن بعد اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي موذي وبا دوران ٿرديپ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سان مڪمل سهڪار ڪندي ۽ گورنمينٽ سان لاڳاپيل ضلعي حيدرآباد جي بي ايڇ يو ۽ ڪجهه ڊسپينسرين کي ڪورونا بچاءَ سبب سيفٽي ڪٽس، سينيٽائيزر سان گڏو گڏ صاف سٿري صحت لاءِ کين انفراسٽرڪچر جي حوالي سان واشروم جي رپيئرنگ ۽ مينٽيننس سان گڏ ٻيو سامان مهيا ڪندي. جنهن تي ڊي ايڇ او حيدرآباد ٿرديپ جي ڪم کي ساراهيو ۽ سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ياد رهي ته ٿرديپ پاران يورپين يونين جي سهڪار سان ڪووڊ جي حوالي ضلعي حيدرآباد ۾ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق شروعاتي مرحلي ۾ صحت جي حوالي سان في الحال اسيسمينٽ ڪئي پئي وڃي.
352