292

استعيفائون ڏيڻ واري مخالفن جي ڌمڪي ڦٽاڪن کان سواءِ ڪجهه به ناهي : شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته استعيفائون ڏيڻ واري مخالفن جي ڌمڪي ڦٽاڪن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، اسلام آباد ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزي وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي کي عوام دوست بنائڻ سان گڏ کاتي ۾ ٻه هزار نوڪريون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اي سي ايل ۽ بليڪ لسٽ ۾ نالا گهٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آحي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته بنا ڪنهن سبب جي ماڻهن جا نالا نه رکيا وڃن، اي سي ايل ۾ 400 ماڻهو آهن ۽ بليڪ لسٽ ۾ به ڪيترائي ماڻهو شامل آهن. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته گهرو وزارت سياسي طور تي سمورين پارٽين سان مثبت ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، پي ڊي ايم فيبروري کان پهريان لانگ مارچ جي لاءِ اسلام آباد وڃن، عمران خان پنج سال پورا ڪندو. شيخ رشيد اهو به چيو ته جيڪڏهن ته مخالف ڌر استعيفائون ڏيڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڏئي، بلاول شهباز سان ملاقات کان پوءِ استعيفائن جو ايٽم بم هلائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، استعيفيٰ جي ڌمڪي صرف ڦٽاڪا آهي، ان ۾ سياسي ايٽم بم نه هوندو، ن ليگي ميمبر شهباز شريف کي استعيفيٰ ڏيندا، جنهن شهباز شريف کي مان سڃاڻان ٿو اهو ڳالهين جو حامي هوندو، اميد آهي ته شهباز شريف بلاول کي سٺو مشورو ڏنو هوندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو