لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ڪندڙ اداري (ايف آءِ اي) علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪندي راڳي ميشا شفيع ۽ اداڪاره عفت عمر سوڌو ٻين کي ڏوهاري قرار ڏنو آهي. ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ راڳي ميشا شفيع ۽ اداڪاره عفت عمر سوڌو ٻين کي ڏوهاري قرار ڏيندي انهن خلاف عبوري چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز ونگ لاهور پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل عبوري چالان ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي حڪم تي علي ظفر جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وئي، جاچ ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت 8 ڄڻا علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم ۾ ملوث نڪتا. چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جوابدارن علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي جنسي حراسان ڪرڻ وارا الزام لڳايا پر جاچ ۾ ڪي به ثبوت پيش ڪري نه سگهيا، ايف آءِ اي اپيل ڪئي ته عدالت عبوري چالان تي ڪارروائي شروع ڪري.
288