ممبئي (ويب ڊيسڪ) لاڪ ڊائون ۾ پيٽ ڀرڻ لاءِ پوليس آفيسر بڻجي شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙ اداڪار کي ممبئي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ممبئي ڪرائيم بئنچ مطابق ٽي وي اداڪار فيروز جعفري ڀارت جي مختلف رياستن ۾ بزرگ شهرين سان ٺڳي ڪندي ڦرلٽ ڪئي، کيس 64 ورهين جي عورت جي شڪايت تي سوگهو ڪيو ويو. عورت شڪايت داخل ڪرائي ته جوابدار فيروز خان پوليس آفيسر جي حيثيت سان ملاقات ڪئي ۽ جاچ جو چئي سمورا زيور لهرائي ورتا ۽ اهي اخبار ۾ ويڙهي پاڻ وٽ رکيا، ڪجهه دير ڳالهين ۾ مصروف رکي جڏهن اخبار واپس ڪئي ته ان ۾ پٿر پيل هئا. عورت جي درخواست تي پوليس ڪيس داخل ڪري سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي ۽ کيس ممبئي مان گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري کانپوءِ اداڪار جاچ ۾ انڪشاف ڪيو ته لاڪ ڊائون دوران ڪم ڪار نه هو ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ٺڳي ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪيو. واضح رهي ته فيروز جعفري مختلف ڀارتي ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جڏهن ته اڪثر هنڌن تي هن پوليس آفيسر وارو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي.
