نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا اسٽار، ڪاروباري عورت ۽ ماڊل ڪائيلي جينر هلندڙ سال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ شخصيت بڻجي وئي آهي. تازو آمريڪي رسالي پاران 2020ع جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ شخصيتن جي لسٽ ۾ آمريڪي ماڊل، سوشل ميڊيا اسٽار ۽ ڪاروباري عورت ڪائيلي جينر پهرين نمبر تي آئي، جنهن هلندڙ سال 59 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن. فوربز رسالي ۾ جاري ڪيل لسٽ ۾ ٻئين نمبر تي آمريڪي اداڪار ڪانيي ويسٽ آهي، جنهن هلندڙ سال 17 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن، جڏهن ته ٽئين نمبر تي ٽينس اسٽار روجر فيڊرز آهي، جنهن هن سال 10 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن.
