ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ، انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۽ ويمنز ورلڊ ڪپ سوڌو آءِ سي سي جي 6 ايونٽس لاءِ ميزباني جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. پي بي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آءِ سي سي ايندڙ سال سيپٽمبر، آڪٽوبر تائين ان ايونٽس جي ميزباني جو فيصلو ڪندي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ايونٽس جي ميزباني لاءِ آڇ ڪري چڪو آهي. وسيم خان چيو ته ڪووڊ سبب ڄاڻايل فيصلو دير جو شڪار ٿيو، پر اميد آهي ته سيپٽمبر يا آڪٽوبر تائين آءِ سي سي ايندڙ ايونٽس جي ميزبان جو اعلان ڪندي. هن چيو ته ڪووڊ جي چئلينجز باوجود به پاڪستان ڀرپور نموني سان ڪرڪيٽ آرگنائيز ڪئي، پروٽوڪولز تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ تجربن مان به سبق حاصل ڪري پنهنجي انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وسيم خان مطابق انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ زمبابوي جون ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون، جڏهن ته 2020ع ۾ به آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون فل سيريز لاءِ پاڪستان اينديون.
