اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته هر سال 16 ڊسمبر تي اي پي ايس سانحي جي ورسي تي ڏک ۽ زخم پوري قوم جي دل ۾ تازو ٿي ويندو آهي، دهشتگردن معصومن کي شهيد ڪري پوري قوم کي ناقابل فراموش ڏک ڏنو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ اسان کي ان وچن جو ورجاءُ ڪرڻو آهي ته دهشتگردي جي خلاف حاصل ڪاميابين کي ڪنهن به صورت ۾ رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي هٿياربند فوج ۽ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام وڏي تعداد قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته دعا آهي الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل ڏي
284