اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي قيام سان پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي کي فروغ حاصل ٿيندو، سيالڪوٽ ايئرپورٽ نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ايئرپورٽ آهي، حڪومت ڪورونا ائرس جي وبا جا هوابازي جي شعبي تي منفي اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي انتظاميه جي وفد جي چيئرمين ميان نعيم جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي وارو وزير غلام سرور خان، ايوي ايشن سيڪريٽري شوڪت علي ۽ ڊي جي سول ايوي ايشن به شريڪ هئا، صدر عارف علوي سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي قيام تي سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين ايئرپورٽ جي قيام سان ملڪي برآمدات جي پهچ ۾ اضافي ۾ مدد ملندي، سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي قيام سان پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي کي فروغ حاصل ٿيندو، هن چيو ته سيالڪوٽ ايئرپورٽ نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ايئرپروت آهي، حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا جي هوابازي جي شعبي تي منفي اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهي، صدر چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ڪاروباري شعبي کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو، سيالڪوٽ جي واپاري برادري ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي جي تحت خاطر خواه خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي
271