283

شاهين شاهه آفريدي پنهنجي آئيڊيل بالرن جون خوبيون ٻڌائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي آئيڊيل بالرن جون خوبيون ٻڌائي ڇڏيون آهن. قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته پيس مون کي پسند آهي، شعيب اختر جي اسپيڊ ته سڀ کان وڌيڪ هئي، بهرحال وڌيڪ تيز بال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس، شعيب اختر جيان بائونسرز ڪرائڻ چاهيان ٿو. شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ هو ته وسيم اڪرم جيان سوئنگ ڪرڻ جي خواهش آهي، وقار يونس جيان مهلڪ يارڪرز ۽ سهيل خان جهڙي آئوٽ سوئنگ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو آهيان، جڏهن ته سلو بال جديد ڪرڪيٽ جي ضرورت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو بيٽسمينن کي رنسون ٺاهڻ ۾ روڪڻ ۾ مدد ثابت ٿئي ٿو، هر ممڪن ڪوشش ڪندس ته ان ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو