ولنگٽن (ويب ڊيسڪ) هيڊڪوچ مصباح الحق جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جو ذهن تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. رميز راجا سان ڳالهه ٻولهه دوران سندس چوڻ هو ته جڏهن به ڪا حڪمت عملي جوڙيون ٿا ته پنهنجي وسيلن کي ڏسڻو پوي ٿو، مئنيجمينٽ لاءِ سڀ کان اهم اهو ڄاڻڻ هوندو آهي ته ڪهڙي رانديگر ۾ ڪهڙي صلاحيت آهي ۽ ان کي ڪٿي استعمال ڪري سگهجي ٿو. مصباح الحق جو چوڻ هو ته مائنڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪپتان جو ٻين لاءِ مثال بڻجڻ ضروري آهي، بابر اعظم جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، نائب ڪپتان شاداب خان به آهي، ٻئي جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏين ٿا، منهنجو دور مختلف هو، ماڻهن کي منهنجي شخصيت کي نظر ۾ رکڻ نه گهرجي.
