286

ناميارو محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هميشه لاءِ وڇڙي ويو

گلشن اقبال (ن سوڀ) ناليوارو محقق، لوڪ ادب جو پارکو ۽ اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو سربراهه ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي وگهي سول اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ۽ تدفين اباڻي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي خيرپورميرس ۾ ادا ڪئي ويندي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو 40 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ هو ۽ اردو يونيورسٽي سنڌي شعبي جو 5 ڀيرو چيئرمين رهيو، سگا ڪراچي ڊويزن جو صدر پڻ هو، هن سوڳوارن ۾ گهرواري، هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون آهن، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي لاڏاڻي تي اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو