پشاور (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر مان ڪوبه خطرو نه آهي، کين ڳالهين جي آڇ نه ڪئي اٿم. لاهور ۾ ٿيل جلسي واري ڏينهن ڇا ڪري رهيو هوس ان جو سڀني کي پتوآهي، سينيٽ جي چونڊ وقت کان اڳ ڪرائينداسين، پئسو نه آهي، نه ته پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺهرايان، پشاور ۾ مختلف تقريبن کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عمران خان وڌيڪ چيو ته سينيٽ جي چونڊ هٿ مٿي ڪرڻ ذريعي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ وڃي رهيا آهيون، اٽارني جنرل ان معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني آهي، حڪومت جي لاءِ سينيٽ چونڊ ۾ هارس ٽريڊنگ سولائي سان ٿيندي آهي، ماضي ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ وڏو پئسو هلندو هو، ان ئي معاملي سبب اسان 20 ايم پي ايز کي پارٽي مان ڪڍيو هو، ڇوته اسان شفاف چونڊن تي يقين رکون ٿا، مخالف ڌر سان ڳالهين جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ اپوزيشن 34 صفحن جو اين آر او گهري ورتو، پر اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مخالف خلاف ڪيس اسان جي حڪومتن ۾ نه ٺهيا، مخالف ڌر جن ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي اهي ماضي جا آهن، هن چيو ته اسان جي حڪومت کي مخالف ڌر مان ڪوبه خطرو نه آهي، لاهور واري جلسي جي ڏينهن ڇا ڪري رهيو هوس اهو سڀ ڪنهن ڏٺو، مون تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه آهي، عمران خان وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جلسا ڪري رهي آهي، آئون چاهيان ته هينئر به اپوزيشن کان وڏو جلسو ڪري سگهان ٿو. وزيراعظم اي پي ايس پشاور سانحي تي ڳالهائيندي چيو ته اي پي ايس واقعي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميواري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر ڪرڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر ڪرڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو.
259