222

سيمينٽ فيڪٽرين ملي ڀڳت سان 40 ارب کان وڌيڪ منافعو ڪمائي ورتو،تحقيقاتي ڪميشن جي رپورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سيمينٽ سيڪٽر جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيمينٽ فيڪٽرين ملي ڀڳت سان 40 ارب کان وڌيڪ منافعو ڪمايو، ڪارٽلائيزيشن سان سيمينٽ مينيو فيڪچرز جي منافعي ۾ غير معاملي واڌ ٿي آهي، اتر ريفجن ۾ ڪارٽلائيزيشن ڪري 40 ارب رپين کان وڌيڪ منافعو ڪمايو ويو، آل پاڪستان سيمينٽ مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن رابطن جي لاءِ واٽس اپ گروپ ٺاهي ڇڏيو آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو فائدو به سيمينٽ جي صارفين کي نه پهچايو ويو، في بيگ تي 25 رپيا ايڪسائز ڊيوٽي گهٽ ٿي هئي، سيمينٽ فيڪٽرين صارفين کي رڳو 12 رپين جو فائدو پهچايو، اپريل کان سيپٽمبر تائين قيمتن ۾ 8.3 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ملي ڀڳت ڪري في ٻوري جي قيمت ۾ 50 رپيا واڌ ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو