241

وزيراعظم کي سينيٽ چونڊن جو اختيار ڪنهن ڏنو، لڳي ٿو ته پوري ڪابينا ئي جاهل آهي: فضل الرحمان

بهاولپور ( م ڊ )  پي ڊي ايم سينيٽ جون چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ، جڏهن ته ان 31 جنوريءَ تائين مختلف شهرن ۾ ريلين  جو شيڊول پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾  پي ڊي ايم جي صدر ۽ جي يو آءِ  جي امير  مولانا فضل الرحمان بهاولپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم کي سينيٽ  جي چونڊن جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، لڳي ٿو ته پوري ڪابينا ئي جاهل آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سينيٽ جون چونڊون فيبروري بدران مارچ ۾ ڪرڻ جو اعلان پئي ڪري پر آئين موجب سينيٽ جون چونڊون ڪرائڻ جو اختيار  رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ ئي آهي.  جيڪڏهن سينيٽ جي چونڊن واري معاملي تي هي سپريم ڪورٽ ۾ ويندا ته اسين  اتي حڪومت جو حشر نشر ڪري ڇڏينداسين.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون استعفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن ان کي ميڊيا هرو ڀرو جو اشو نه ڪري. اسان کي استعفائون ميڊيا جي مشورن سان نه ڏيڻيون آهن.  هن چيو ته پي ڊي ايم 31 جنوري تائين ماٺ ڪري نه ويهندي. ٻي پاسي پي ڊي ايم  پي ڊي ايم 31 جنوريءَ تائين مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پي ڊي ايم جي پهرين ريلي 24 ڊسمبر تي بهاولپور ۾ نڪرندي، جڏهن ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو پڻ ان شيڊول ۾ شامل آهي. اهڙي ريت 29 ڊسمبر تي مردان ۾، 2 جنوريءَ تي سرگوڌا ۾،  4 جنوري تي مالاڪنڊ ۾ 9 جنوريءَ تي سيالڪوٽ ۾، 12 جنوري تي بنون ۾ ، 16 جنوريءَ تي ٿر ۾،  19 جنوريءَ تي فيصل آباد ۾ 23 جنوريءَ تي خضدار ۾، ۽ 26  جنوريءَ ۾ زوب ۾ ريلي ڪڌي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو