249

برطانيا ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪ ۽ ٿنڪ ٽينڪ جي ميمبر نور ڏاهري سوشل ميڊيا پاڪستان اسرائيل جي مبينا رابطن بابت نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

لنڊن (م ڊ) برطانيه ۾ رهندڙ نوابشاهه واسي سنڌي تحقيق نويس، ليکڪ، تجزيه نگار ۽ مختلف ٿنڪ ٽينڪ جي ميمبر نور ڏاهري سوشل ميڊيا تي پاڪستان ۽ اسرائيل جي مبينا رابطن بابت سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي ٽي وي چئنل ۽ اخبارن کي ڏنل انٽرويو ۾ ان انڪشاف ڪيو آهي ته نومبر جي آخري هفتي ۾ لنڊن مان هڪ اڏام وسيلي پاڪستاني وزيراعظم جو هڪ صلاحڪار تل ابيب پهتو، جتي کيس سرڪاري پروٽوڪول ڏنو ويو ۽ لاڳاپن بابت ڳالهيون پڻ هلايون ويون. هن ان سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن. نور ڏاهري پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پڻ ان سلسلي ۾ پوسٽون پڻ رکيون آهن. سندس اهڙي تڪراري بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ان سلسلي ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. سرڪار طرفان اڳ ۾ به اهڙين خبرن کي رد ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم جو چوڻ آهي ته جيستائين فلسطين کي اسرائيل تسليم نه ڪندو تيستائين لاڳاپا قائم نه ڪيا ويندا. سوشل ميڊيا موجب نور ڏاهري جو تعلق سنڌ سان آهي، هُو انگلينڊ جي آڪسفورڊ ۽ آمريڪا جي ميري لينڊ يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم پرائي چڪو آهي ۽ برطانيه ۾ يهودين جي فيڊريشن جو اعزازي ميمبر پڻ آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيه جي ٿنڪ ٽئنڪن ۾ ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي، سندس مضمون ۽ ڪالم برطانيه توڙي اسرائيل جي اخبارن ۾ شايع ٿيندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو