راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هٿياربند فوج عوام جي حمايت سان هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنگ ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد مهارت ۽ تعاون ضروري آهي، ايئر ڊفينس جون پيشيوراڻيون تياريون ساراهه جوڳيون آهن، رپورٽ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گجرانوالا ۾ فيلڊ مشقن جو معائنو ڪيو، ايئرچيف مارشل مجاهد انور خان به موجود هئا، ڪمانڊر آرمي ايئر ڊفينس، ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان معزز مهمانن جو استقبال ڪيو، ڪورڪمانڊر منگلا ۽ گجرانوالا به گڏ هو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ايئر چيف مارشل حمود الزمان ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ هٿيارن جي مشقن جو معائنو ڪيو ۽ ايئر ڊفينس جي پيشيواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو.
247