244

گهاري ويجهو سوزوڪي جو آئل ٽئنڪر سان ٽڪر، عمرڪوٽ واسي 5 ڄڻا فوت

گهارو (ن سوڀ) گهارو ويجهو آئل ٽينڪر ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر 5 ڄڻا فوت، 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو آهي. خبر موجب گهارو شهر ويجهو عمر ڪوٽ واسي 10 ڄڻا سوزوڪي ۾ عمر ڪوٽ وڃي رهيا هئا ته گهارو ويجهو روڊ تي بيٺل آئل ٽئنڪر سان سوزوڪي ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب 5 ڄڻا ڀيمون،جلال،پريم، اڪبر ۽ هڪ نامعلوم ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين ڪراچي نيو ويوآهي. اطلاع تي فوتين جي وارث اسپتال پهتا ته ڪهرام مچي ويو. انتظاميا سمورا لاش عمرڪوٽ ۾ اباڻن گهرن ڏانهن روانا ڪيا، علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو